اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري و??اقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي، جنهن جي ڪري مارڪيٽون، مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، ريسٽورانٽس، سئنيما گهر، ٿيٽرز، جمز ۽ پبلڪ پارڪس 10 آگسٽ کان کوليا ويندا، تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، 7 سيپٽمبر تي آخري ريويو ڪنداسين، ميرج هالز ک?? 15 سيپٽمبر تي کوليو پ??و وڃي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ 8 آگسٽ کان سياحتي علائقن جي هوٽلز ک??ليون وينديون، ان کانسواءِ 10 آگسٽ کان جمز، ٿيٽرز ۽ سئنيما هالز پڻ کوليا ويندا جڏهن ته ڪٻڊي، ملهه ۽ رگبي کانسواءِ ٻين راندين جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري ۽ مارڪيٽون ڇنڇر ڏينهن بند رکڻ جي پابندي ختم ڪئي پئي وڃي. واپاري پراڻي طريقيڪار موجب دڪانون کولي س??هن ٿا. هن چيو ته 15 سيپٽمبر کان شادي هالز ک??لي سگهجن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پڻ کوليو پ??و وڃي. ميٽرو بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگسٽ کان کوليا پيا وڃن جڏهن ته مزارن کي پڻ کوليو پ??و وڃي. جڏهن ته صوبائي انتظاميا کان عرس جي اجازت وٺڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر عوام کي زندگي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ اها تنبيهه به ڪئي ته جن ملڪن ۾ ڪورونا ختم ٿيو، اتي ٻيهر ڪيسز سامهون آيا، خطرو اڃا ختم ناهي ٿيو، احتياط لازمي ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ريسٽورانٽس ۾ ٻاهر ۽ اندر ويهڻ جي اجازت هوندي. هوٽلز به شادي جا فنڪشن ڪري س??هن ٿا. هن چيو ته موٽرسائيڪل تي ڊبل سواري جي پڻ اجازت هوندي.