اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته فرنٽ لائين ورڪرن جو تحفظ ?? انهن جي مدد اهم ترجيح آهي، ڪورونا جي خلاف پهرين صف ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي لاءِ خصوصي پيڪيج هوندو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون خصوصي پيڪيج لاڳو ڪرڻ جون ذميدار هونديون، ??شڪل حالتن ۾ ذميداري ادا ڪرڻ وارا هيلٿ ورڪر اسان جا هيرو آهن، ??يوز بريفنگ ۾ هن چيو ته صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ٿئي، فرنٽ لائين ورڪرن جو تحفظ ?? انهن جي مدد اهم ترجيح آهي، هن چيو ته فرنٽ لائين ورڪرن جي لاءِ خصوصي پيڪيج ت?? ڪم ڪري رهيا آهيون، خصوصي پيڪيج ڪورونا جي خلاف پهرين صف ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي لاءِ هوندو، صوبائي صحت وارا وزير ۽ ماهرن کان به ان پيڪيج ت?? مشاورت ڪئي وئي آهي.