ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان ڀارت جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پاڪستان جي ڪشمير مسئلي بابت ڪامياب سفارتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عا??مي برادري جو ضمير جهنجهوڙي رهيو آهي. وزيراعظم جي آمريڪي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا نئين رخ ۽ عزم سان اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي د?? بلوچستان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ هو بلوچستان جي ترقي کي اهميت ڏي ٿو. بلوچستان جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي لاڳاپيل آهي، هو ڪوئيٽا پ??چڻ کانپوءِ ايئر پورٽ جي ??اه??ان ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.