اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد، مري، گليات ۽ پوٺوهار خطي سميت اتر/ اولهندي بلوچستان، خيبر پختونخوا جي مٿانهين وارن، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ان دوران شام ۽ رات جي وقت ۾ خيبر پختونخوا جي مٿانهين وارن ڪجهه هنڌن تي وچولي کان شديد برسات/ برفباري جو امڪان آهي، جڏه?? ته پنجا?? جي اڪثر ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جڏه?? ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جز??ي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏه?? ته جابلو علائقن ۾ سخت ٿڌي رهي، جڏه?? ته اتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ٿي. پنجا?? جي اڪثر ۽ اپر سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو، گوپس ۾ ڪاٽو 09، ليه ۾ ڪاٽو 08، گلگت ۾ ڪاٽو 06، استور ۾ ڪاٽو 05، هنزه ۽ چترال ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.