اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۽ معصوم پاڪستانين کي غ??رقانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي گذريل هڪ سال ۾ سڄي دنيا ۾ اهڙن سمورن واقعن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آه??، جڏهن ته اهڙن ڏوهن ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي ۾ سستي ۾ ملوث عملدارن جي خلاف به ڪارروائي جي هدايت ڪئي آه??. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ ۽ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. 2023ع ۾ يونان جي انهي علائقي ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعي ۾ 262 پاڪستاني فوت ٿي ويا هئا. وزيرا??ظم 2023ع ۾ ٻيڙي ٻڏي وڃڻ جي حادثي ??انپوءِ اهڙن عنصرن جي خلاف ڪارروائي ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم انساني اسمگلنگ ۽ معصوم ماڻهن کي غ??رقانوني طريقن سان ٻاهرئين ملڪ پهچائڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏيندڙن جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان سستي ۾ شامل آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته انساني اسمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي ۽ ان کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آه??. سستي واري رويي جي ڪري ورتل قدمن جي ڪري اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر پيش اچڻ اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آه??. وزيرا??ظم آءِ بي ايم ايس نظام کي فوري لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ انساني اسمگلنگ ۽ ان کي روڪڻ جي حوالي سان قدمن تي وزيرا??ظم کي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هيستائين 174 ڪيسز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن مان چئن کي سزا ٿي. وزيرا??ظم ان ڪڌي فعل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان حوالي سان عوامي آگاهي جي لاءِ هلايل مهم جا تفصيل طلب ڪري ورتا. وزيرا??ظم ايف آءِ اي ۽ پر??يهي وزارت کي گذريل سال ٿيندڙ اهڙن سمورن واقعن جن ۾ پاڪستاني شامل هئا جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم اها به هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ عالمي ادارن سان تعاون وڌايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ پر??يهي وزير خواجه محمد آصف، سيد محسن رضا نقوي، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، خصوصي معاون طارق فاطمي، وزيرا??ظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.