اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين، انساني ترقي ۽ وسيلن بابت وفاقي وزير چ??ڌري سالڪ حسين سان صحت ۽ مهارتن جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار لاءِ چيني وفد ملا??ات ڪئي. ڪالهه سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۾ان جاري پريس رليز موجب او پي ايڇ هيلٿ ڪيئر پروجيڪٽ جي سربراهه اسڪارليٽ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني وفد گاريا گروپ طرفان هڪ جامع تجويز پيش ڪئي جيڪا بنيادي صحت جي سارسنڀال ۾ ڊجيٽل شين ۽ خدمتن لاءِ مربوط حل فراهم ڪندڙ هڪ مشهور ادارو آهي. ڄاڻايل پراجيڪٽ آرٽ??في??ل انٽيليجنس تي ٻَڌل اسٽريٽجڪ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ذريعي ڏورانهن علائقن ۽ غريب ڪميونٽين کي صحت جي سستي سارسنڀال فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن سان علاج جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ صحيح سُڃاڻپ ممڪن ٿيندي. ان پراجيڪٽ جي هڪ قابل ذڪر خاصيت هڪ پورٽيبل سُڃاڻپ واري مشين جو تعارف آهي جيڪو 7 کان 8 قسمن جي بيمارين جي سُڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو جنهن سان ??ُر??ُر جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. ان کان علاوه پراجيڪٽ جو ڊجيٽل پليٽ فارم مريضن، ڊاڪٽرن ۽ ميڊ??ڪل اسٽورن وچ ۾ رابطن کي ممڪن بڻائيندو. رپورٽون سڌيءَ ريت پينل تي موجود ڊاڪٽرن سان شيئر ڪيون وينديون ۽ دوائن بابت ميڊ??ڪل اسٽورن سان شيئر ڪيون وينديون جنهن سان مريضن کي دوائن جي سڌيءَ ريت فراهمي ۾ سهولت ٿيندي. وفد سرٽيفڪيشن جي ٽن درجن بابت به آگاهه ڪيو جنهن ۾ هواوي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي ايسوسيئيٽ (ايڇ سي آءِ اي) 2 هفتن جو ڪورس، هواوي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي پروفيشنل (ايڇ سي آءِ پي) هڪ مهيني جو ڪور ۽ هواووي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي ايڪسپرٽ (ايڇ سي آءِ اي) 6 مهينن جا ڪورس شامل آهن. وفاقي وزير ان منصوبي کي چين جي تعليم واري وزارت طرفان هڪ اهم سيڙپڪاري طور تي تسليم ڪيو. اها ملا??ات او پي ايڇ ۽ صحت واري وزارت وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) ذريعي ڀائيواري کي باضابطه بڻائڻ لاءِ اتفاق راءِ تي پڄاڻي ٿي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهڙيءَ طرح جون ڀائيواريون پاڪستانين جي هنرمندي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اهڙيءَ طرح عالمي ملازمتن جي مارڪيٽ ۾ ان جي مسابقت ۾ واڌ ٿئي ٿي.