اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان ۽ يورپي يونين جي گڏيل ڪميشن جو 14هون اجلاس اسلام آباد ۾ جاري آ??ي. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ يورپي يونين جي وفد جي قيادت ايشيا اينڊ پيسفڪ ج?? ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاولا پامپالوني ڪري رهي آهي جڏهن ته پ??ڪس??اني وفد جي قيادت اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ڪري رهيو آ??ي. ??ن چيو ته اها ڳالهه ٻولهه يورپي يونين سان پ??ڪس??ان جي وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿي. ترجمان چيو ته اهي ساليانيون ملاقاتون ڌريون کي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول ٿيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي گڏيل افهام تفهيم کي فرو?? ڏيڻ جي لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم فراهم ڪن ٿيون.