اسلام آباد ?? 20 ??? نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 12 جوانن جي شهادت تي افسو?? جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم ملڪ جي سلامتي لاءِ شهادت ماڻيندڙن ??ي سلام پيش ڪري ٿي. صدر دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن دهشتگردي جي واقعي ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪ??ي. ??در شهيدن جي پونئيرن سان افسو?? جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.