اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته منهنجي انٽرويو کي هڪ اخبار ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، اسان سمورن ججن جو احترام ڪريون ٿا، غلط رپورٽنگ پنهنجي ئي اداري جي ساک کي متاثر ڪري ٿي، ذميداراڻي رپورٽنگ هئڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جي ??جل??س جي شروعات تي سوالن وارو وقفو شروع ٿيڻ کان اڳ اسپيڪر چيو ته مان سليم صافي کي پروگرام جرڳه ۾ انٽرويو ڏنو، منهنجي ڳالهه کي ناليواري روزاني اخبار ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، اسان عدالتن جي فيصلن تي ڪڏهن ڪنهن کي نوٽيفاءِ نٿا ڪريون پر اليڪشن ڪميشن، چونڊ?? کان پوءِ ميمبرن جو نوٽيفڪيشن ڪڍي ٿي ۽ ضمني چونڊن ۾ پڻ ائين ئي ٿئي ٿو، نوٽيفاءِ ٿيل?? کا?? ايوان ۾ حلف ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سمورن اشوز تي عدالت هميشه اليڪشن ڪميش آف پاڪستان کي لِکندي آهي، اليڪشن ڪميشن ان تي نوٽيفاءِ ڪندي آهي ته پوءِ اسان جي ذميداري بڻجي ٿي ته اسان کي ڪهڙو ايڪشن کڻڻو آهي. هن چيو ته پنهنجي ان انٽرويو ۾، مون جي يو آءِ (ف) جي هڪ عورت ميمبر جو مثال ڏنو ته هوءَ 07 ڏينهن م??ن وٽ ايندي رهي ته حلف کڻڻ ڏيو، مون اهو ئي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستا?? کان نوٽيفاءِ ڪرائي وٺو. هن چيو ته سمورن ججن جو احترام ڪريون ٿا، اهڙيءَ طرح جي غلط رپورٽنگ اداري جي ساک کي متاثر ڪندي آهي، صهافين کي ذميداراڻي صحافت ڪرڻ گهرجي.