اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد جي نيب ھيڊڪوارٽر ۾ 24 ھين سالياني ڊي جيز ڪانفرنس شروع ٿي وئي آھي. ٻن ??ينھن واري ڪانفرنس جي صدارت نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ڪري رھيو آھي. ڪانفرنس ۾ نيب جو ڊپٽي چيئرمين سھيل ناصر، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبلٽي، نيب ريجنل جي آفيس جا ڊ??ئر??ڪٽر جنرلز ۽ ٻيا اختيار شرڪت ڪري رهيا آھن. گذريل ڏينھن نيب مان جاري بيان مطابق ڪانفرنس ۾ نيب جي علائقائي بيوروز جا ڊ??ئر??ڪٽر جنرلز ۽ مختلف ڊويزنن سميت پراسيڪيوشن، آپريشنز ۽ اي اينڊ پي جا سربراھه پنھنجي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندا. ڪانفرنس ۾ نيب جي ڪارڪردگي، عوا??ي شڪايتن تي ڪ??رر??ائي، نئين پاليسي گائيڊ لائنز تي عمل درآمد، ڪيسن جي پيروي ۽ تجويز ڪيل سڌارن جو جائزو ورتو ويندو.