اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آه?? ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آه??. ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيه?? ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ??نهنجي ملائيشيا جي هم منصب سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير ملائيشيا جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزير ٽينگو عبدالعزيز سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ پاڪستان مان ملائيشيا کي ايڪ??پو??ٽ ٿيندڙ شين ۽ واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ جي حوالي سان ڳالهه ??ولهه ??ي. ملاقات ۾ واپار ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تقريبن سمورن شعبن ۾ ترقيءَ جا امڪان موجود آه?? ۽ ملائيشيا جي سيڙپڪارن کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ اعليٰ معيار جا چانور ۽ انب ايڪ??پو??ٽ ڪري رهيو آه?? ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني انبن، حلال گوشت ۽ چانورن جي تمام گهڻي کپت آه??. هن چيو ته ملائيشيا چانورن جي امپورٽ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ سهڪار ڪري، پاڪستان حڪومت چانورن جي گهٽ ۾ گهٽ ايڪ??پو??ٽ قيمت (ايم اي پي) کي هٽائي ڇڏيو آه?? جنهن سان پاڪستاني واپار ڪندڙن کي چٽاڀيٽي جي قيمتن تي ڳالهه ??ولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن پاڪستاني گوشت ۽ جيليٽن ايڪ??پو??ٽ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ ايڪريڊيٽيشن جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ان شعبي ۾ سهڪار سان واپار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي سگهي ٿو. واپار واري وزير چيو ته پاڪستاني واپارين کي ملائيشيا لاءِ گوشت ايڪ??پو??ٽ ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏُکيائين کي حل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي، ان سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان واڌ ممڪن ٿيندي. بعد ۾ ملائيشيا جي وزير پاڪستان کي آسيان جي سرگرمين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ڇاڪاڻ ته ملائيشيا آسيان جي سربراهي سنڀالي رهيو آه??.