اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي مل??ن جي بزنس ڪميونٽي کي گڏيل منصوبن ۾ هر مم??ن تعاون فراهم ڪنداسين، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ معاشي تعاون مان ڀرپور فائدو کڻڻو آهي جڏهن ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي آهي، اسان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ملائيشيا – پاڪستان اعليٰ سطحي بزنس ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ملاقات دوران اسان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه کي مثبت قرار ڏنو ۽ ان تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم کي پاڪستاني واپارين ۽ ملائيشيا جي واپارين کي گڏيل منصوبن جي لاءِ هر مم??ن تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ حلال گو??ت، آءِ ٽي، اي وي، سيمي ڪنڊڪٽر سميت ٻين گڏيل مفاد جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏئي سگه?? ٿا، هاڻي اهو اسان تي آهي ته ان موقعي مان ڪهڙي طرح فائدو کڻو?? ٿا. هن چيو ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان اعليٰ معيار جي مصنوعات جي مٽاسٽا ڪري سگهو?? ٿا، ملائيشيا کي اعليٰ قسم جو حلال گو??ت جلد برآمد ڪنداسين، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تعاون ۾ هنرمند ماڻهن جي لاءِ وسيع موقعا دستياب آهن. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جي دعوت تي ملائيشيا جو دورو ڪندس جنهن سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون کلنديون ۽ ٻطرفي معاهدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آندي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا دنيا جي ٻين مل??ن جي لاءِ رول ماڊل آهن. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته هي بزنس ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بزنس ليڊرز جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وفدن جي وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل تعاون جي فروغ ۽ مختلف موقعن ۽ منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ نسٽ ۾ بهترين ريسرچ ڪئي وڃي ٿي، اسان پاڪستان جي سائنس ۽ ريسرچ جي شعبي ۾ تجربن مان فائدو کڻنداسين. هن چيو ته معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي آهي، هو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، برآمدات جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهن، اسان گو??ت، چانور پاڪستان مان درآمد ڪري سگهو?? ٿا، آسيان فورم تحت معاشي رابطن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ بزنس ڪميونٽي ۾ رابطا اهميت رکندڙ آهن.