اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نگراني ۾ ٿيندڙ کل جوڳي چونڊن جي پهرين مرحلي جي عالمي قانون جي نظر ۾ ڪا قانوني اهميت نه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ت?? گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار گڏيل ق??من جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. ترجمان چيو ت?? ڪو ٻيو عمل ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ت?? ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 14 سيا??ي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ نظربند آهن، ان ??اءِ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اهڙي چونڊ مشق صحيح نه آهي.