اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي جي صدارت هيٺ رات جو دير سان امن امان جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق گهرو وزير چيو ت?? ڪنهن کي ريڊ زو?? ۾ اچڻ جي ??جا??ت نٿي ڏئي سگهجي. امن امان برقرار رکڻ اسان جي پهرين ترجيع آهي. هن چيو ت?? احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي. احتج??ج مناسب هنڌ تي ٿيڻ گهرجي ۽ احتجاج سان عوام جي روزاني جي معاملن ۾ خلل نه پوڻ گهرجي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ت?? عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ذميواري آهي، عوام جي جان مال لاءِ قانون جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. سيد محسن نقوي چيو ت?? قانون هٿ ۾ وٺڻ وارن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو ت??صيلي جائزو ورتو ويو.