ڪراچي- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ضلعي اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻن شاگردياڻين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آه??. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ته معصوم جانين جي شهادت جي خبر ٻڌي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آه??، هن چيو ته شاگردن جي رت ۾ رڱيل هٿ وحشين جا آه?? جن کي ??وري گرفتار ڪ??و وڃي. بلاول ڀٽو زرداري شهيد شاگردن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪ??دي چيو ته مون سميت پورو پاڪستان متاثر خاندانن سان گڏ آه??، الله تعاليٰ کين صبر عط?? فرمائي.