اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي جي سلسلي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) مسافرن جي ٽڪيٽن ۾ رعايت جو اع??ان ڪيوآهي، پي آءِ اي جي ترج??ان پاران جاري ڪيل بيان موجب پي آءِ اي ملڪ اندر هلندڙ اڏامن ذريعي سفر لاءِ ٽڪيٽن تي 14 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو اع??ان ڪيو آهي. مسافر فوري طور تي رعايتي ٽڪيٽ خريد ڪري سگهن ٿا. ترج??ان چيو ته رعايتي ٽڪيٽ 14 آگسٽ جي سفر لاءِ موثر هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ٽورنٽو ??ان پاڪستان لاءِ پڻ ٽڪيٽ ۾ 14 سيڪڙو رعايت جو اع??ان ڪيو ويو آهي، 14 آگسٽ تي خريد ڪيل ٽڪيٽ تي 14 نومبر تائين سفر ڪري سگهجي ٿو.