اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي سومر ۽ اڱاري دوران تيز برساتن سبب ڪشمير، اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪوه سليمان ۽ ڀرپاسي اتر اوڀر، ڏاکڻي بلوچستان جي جابلو علائقن جي مقامي برساتي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. تيز برساتن سبب اتر اوڀر، ڏکڻ پ??جاب، پشاور، ڪراچي سميت هيٺين سنڌ جا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق اڱاري ڏينهن خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، مٿانهين/ وچولي پنجاب، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ بر??ات جو امڪان آهي، ان دوران ڪشمير، اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز بر??ات جو به امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، اسلام آباد، ڏکڻ اوڀر س??ڌ، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان بر??ات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز بر??ات به ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي ۾ 47، دالبندين، نوڪنڊي ۾ 46 ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.