اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اور??گز??ب فنانس ڊويزن ۾ موڊيز ريٽنگز جي نمائندن سان زوم گڏجاڻي ڪئي. اجلاس ۾ وزارت جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير اجلاس جي شروعات پاڪستان جي معاشي نقطه نظر بابت بريفنگ ڏئي ڪئي. هن پ??ڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي 9 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌڻ، 12.6 سيڪڙو تي مستحڪم ناڻي واڌ ۽ پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ 7.7 سيڪڙو جي زبردست اضافي تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 2024ع ۾ ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو ۽ ٽيڪس جي وصولي کي وڏي پئماني تي اثرائتو بڻايو ويندو جنهن ۾ ايف بي آر ۾ نوان زرعي ٽيڪس ۽ ڊجيٽل قدم شامل آهن. هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ لک 50 هزار کان وڌيڪ کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪندڙن پهريون ڀيرو ٽيڪس ڏيندڙ طور داخلا ڪرائي آهي جيڪا ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته مالي سال 2027ع تائين اوڳاڙين کي جي ڊي پي جي 3 سيڪڙو تائين وڌائڻو آهي جنهن ۾ جي ڊي پي جي هڪ سيڪڙو جي بنيادي سرپلس جا منصوبا به شامل آهن جيڪي مالياتي استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهن. وفاقي وزير محمد اور??گز??ب موڊيز جي نمائندن کي آءِ ايم ايف سان پ??ڪستان جي 9 مهينن جي باءِ ارينجمينٽ جي ڪامياب تڪميل با??ت اپ ڊيٽ ڪيو ۽ ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻن تي ان جي مث??ت اثرن تي زور ڀريو. هن پ??ڪستان ??ي ترقياتي منصوبن جي مالي مدد جي حوالي سان گهڻ رخي ادارن جي اعتماد کي اجاگر ڪيو ۽ موڊيز کي هڪ نئين وچ مدي واري پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان پ??ڪستان ??ي تازو ئي طئي ٿيل اسٽاف ليول ايگريمينٽ بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير توانائي جي شعبي ۽ سرڪاري ادارن ۾ جاري سڌ??رن تي زور ڀريو. موڊيز ريٽنگز جي نمائندن جامع بريفنگ کي ساراهيو ۽ مضبوط مالياتي سڌ??رن ۽ اسٽريٽجڪ قدمن ذريعي پاڪستان جي اقتصادي راهداري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.