اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي چئن اسڪولن تي اسرائيلي قابض فوج جي انڌاڌنڌ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي حملا غزه جي ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم هڪ ٻيو ثبوت آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بر??فنگ ۾ چيو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ اتي پناهه وٺندڙ درجنين عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ سهولتن کي انڌاڌنڌ نشانو بڻائڻ عا??مي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ جنگي ڏوهن جو حصو آهي. پنهنجي تازه ترين قدمن سان اسرائيلي قابض فوج هڪ ڀيرو ٻيهر عا??مي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عا??مي طرز عمل جي توهين جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عا??مي ان??ان?? قانون جي انهن واضح ??لاف ورزين کي نئون معمول بڻجڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان عا??مي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل جي دهشتگردي ۽ فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسرائيل کي ان جي ڏوهن ۽ عا??مي ان??ان?? ۽ ان??ان?? حقن جي قانون جي واضح ??لاف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏنو وڃي.