اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي ??زي?? عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي ??زي?? ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار واري وزارت پ??را?? جاري پڌرائي موجب بيجنگ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ڪمپنيز لي ڪو??نگ سان وفاقي ??زي??ن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي ??زي?? عبدالعليم خان چيو ته ملڪي ۽ غيرملڪي انويسٽرز جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، ايز آف ڊوئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سيڙپڪاري واري وفاقي ??زي?? چيو ته انويسٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين سهولتن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. بيجنگ ۾ ڪاروباري گروپس جي سربراهن سان ملاقات جي موقعي تي واپار واري وفاقي ??زي?? ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان چين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي چين جي دوري جا سيڙپڪاري تي مثبت اثر پوندا.