بيجنگ – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي سرڪاري دوري جي ٻئي مرحلي ۾ چيني گادي واري شهر بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چين جي نائب پ??ڏي??ي وزير سن ويڊونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ آهن. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم چيني صدر، و??يراعظم ۽ نيشنل پيپلز ڪ??نگريس اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سان ??دا ??دا ملاقات ڪندو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿينديون. وزيراعظم جون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ٿينديون.