اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان هڪطرفي قانونسازي جو ڪو ارادو نٿي رکي، ان معاملي تي سمورين صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اها ڳالهه هن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته صحافين جي ل??ءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم جلد شروع ڪئي ويندي. هن چي?? ته نيشنل پريس ڪلب جي مستقل بلڊنگ جي تعمير ۽ موجوده بلڊنگ جي بهتري جي ل??ءِ ضروري قدم کنيا ويندا، اين پي سي جي ل??ءِ سالياني گرانٽ جي فراهمي کي پ?? يقيني بڻايو ويندو. وفاقي وزير چي?? ته حڪومت نيشنل پريس ڪلب جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي. هن چي?? ته حڪومت پريس ڪلب کي مستقل گرانٽ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي، ناڻي واري وزير سان ملاقات ڪري مالي بجيٽ ۾ پريس ڪلب جي ل??ءِ سالياني گرانٽ مخصوص ڪرائڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر اظهر جتوئي چي?? ته حڪومت پريس ڪلب جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري، صحافين کي موجوده دور ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. نيشنل پريس ڪلب جي وقتي سيڪريٽري عون شيرازي چي?? ته راولپنڊي اسلام آباد جي صحافتي ڪميونٽي جي ل??ءِ ميڊيا ٽائون فيز ٽو تمام ضروري آهي. هن چي?? ته سرڪاري اشتهارن کي ورڪرز جي پگهارن سان مشروط ڪ??ڻ اهم قدم هوندو. وفد ۾صدر اظهر جتوئي، وقتي سيڪريٽري عون شيرازي، سيڪريٽري فنانس وقار عباسي ۽ گورننگ باڊي جا ميمبر شامل هئا. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.