اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اومان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم اومان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعاون جي وسيع صلاحيت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪ – اومان اداراجاتي ۽ اقتص??دي رابطن جي فروغ ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فروغ سان گڏوگڏ اسرائيل پاران معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي ج?? دعا ڪئي. سلطان حاتم بن طارق وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتص??دي تعاون جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اوماني سلطان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ ج?? دعوت ڏني. سلطان حاتم بن طارق پڻ وزيراعظم کي اومان جي دوري ج?? دعوت ڏني.