اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان ايران جي سفير ر??ا اميري مقدم ملاقات ڪئي. و??ير??عظم ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ مبارڪباد جي پيغام ۽ ٽيليفون ڪال تي سندس ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ايران کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. و??ير??عظم ايراني صدر سان پنهنجي ملاقا?? کي ياد ڪيو جڏهن هنن مئي 2023ع ۾ گڏيل طور تي هڪ سرحدي مارڪيٽ ۽ بجلي جي پهچ لائين جو افتتاح ڪيو هو. هن واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. و??ير??عظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي م??ام??ي تي ايران جي حماي?? کي ساراهيو. ملاقات دوران فلسطين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني سفير و??ير??عظم جا استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو پيش ڪيو. هن ايران جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.