راولپنڊي-08 مارچ (اي پي پي) پا?? فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان جي ??ام??ابي پاڪستان جي ??ام??ابي آهي، بلوچستان جي ب??اد?? عوام تي فخر آهي، بلوچستان جو ب??اد?? عوام هر ڏکي وقت ۾ ثابت قدم رهيو آهي. پا?? فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير بلوچستان جي آواران ضلعي جو دورو ڪيو، ڪور ڪمانڊر بلوچستان آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ ان کي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پنهنجي دوري دوران شهيدن جي وارثن، مقامي اڳواڻن ۽ آبادگارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف کي پا?? فوج جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ان موقعي تي اڳواڻن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي زراعت جي اهميت ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو لاءِ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف شهيدن جي قربانين کي زبردست خراج تحسين پڻ پيش ڪيو. هن چيو ته آبادگارن کي زرعي سهولتون، آسان شرطن تي قرض، ٻج، ڀاڻ فراهم ڪيو ويندو. جڏهن ته سولر ٽيوب ويل ۽ زرعي ماهرن جون خدمتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. آبادگارن کي ملڪي ترقي ۾ شراڪتدار بڻائڻ ۽ آبادگاري لاءِ پڻ رهنمائي ڏني ويندي. هن چيو ته بلوچستان جي ??ام??ابي پاڪستان جي ??ام??ابي آهي، بلوچستان جي ب??اد?? عوام تي فخر آهي. فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا. پا?? فوج بلوچستان ۾ سول انتظاميه سان گڏجي ترقي ۽ امداد جو عمل جاري رکندي. آرمي چيف بلوچستان جي عوام لاءِ هڪ ٻيو ڪيڊٽ ڪاليج بڻائڻ واري عمل جي پڻ تعريف ڪئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪيڊٽ ڪاليج آواران جو افتتاح ڪيو ۽ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن سان پڻ مليو، آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج لاڳاپيل ادارن سان گڏجي بلوچستان ۾ رليف ۽ تعميري سرگرمين کي جاري رکندي.