اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ناليواري اداڪار نثار قادري جي ل??ڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي جي ل??ءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته نثار قادري جو ??ما?? پاڪستان ٽيليويزن جي بهترين اداڪارن ۾ ٿيندو هو، نثار قادري جي پاڪستان ٽيليويزن، فلم، ريڊيو ۽ ٿيٽر جي ل??ءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.