مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ??هي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گ??گت بلتستان جو روڊ جي ذريعي رابطو انتهائي ضروري ??هي جنهن جي ??اءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم ??فيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زيراعظم ۽ ڪابينا ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توسيع کانپوءِ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زيراعظم ۽ ڪابينا پاران نگران وزيراعظم ??ي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??انونساز اسيمبلي ۾ گذريل ڏينهن جي تق??يب جي زبردست پذيرائي ڪئي وئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زيراعظم نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ٻنهي طرفن جي ڪشميرين جا دل کٽي ورتا ۽ انهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. هن چيو ته نگران وزيراعظم ??ي تقرير کي ڪشميري عوام، اوورسيز ڪشميرين، ڪشميري اڪيڊميا، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پاران ڀرپور طريقي سان ساراهيو ويو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته نگران وزيراعظم ??ي دليراڻي موقف ڪشميرين ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ڪيو آهي. ڪابينا جي ??يمبرن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آئون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان رياست جو موقف ورجائڻ آيو آهيان ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت عالمي سطح تي مڃيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي. نگران وزيراعظم ??زاد ڄمون ۽ ڪسمير جي سمورن مسئلن خاص طور تي مالي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته شونٽر ٽنل، مري – مظفرآباد ايڪسپريس وي، مانسهره – مظفرآباد – منگلا، ميرپور ايڪسپريس وي جي تعمير جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گ??گت بلتستان جو رستي ذريعي رابطو انتهائي ضروري ??هي جنهن جي ??اءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي سمورين وزارتن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرايو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.