اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روس ??ان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ روس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊانيلا گاينچ ??ان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان روس ??ان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهشمند آهي، پاڪستان روس ??ان واپار، معيشت، خوراڪ جي تحفظ، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن ??مي?? سمورن شعبن ۾ تعاون چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان روس ??ان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي مدي وارن فورمز تي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ روس لاڳاپا گڏيل قومن جي مرڪزيت ۽ اصولن تي ٻڌل عالمي نظام جي گڏيل موقف تي ٻڌل آهن. صدر غزه جي صورتحال، فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن تي روشني وجهندي عورتن، ٻارن، صحافين ??مي?? هزارين فلسطينين جي قتل جي مذمت ڪئي. صدر پاڪستان ??ان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ڪردار کي ساراهيو. صدر روسي سفير جي ??ست??بل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.