اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلس??ي ۾ سمورن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪميشن جي تيارين تي بريفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چون??ن جي تياري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سمورن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.