اسلام ??با?? – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪرد??ر ناقابل فراموش آهي، نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد انهن جي سرپرستي ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي استاد نثار احمد سان ڳالهائيندي ڪ??و. ??گران وزيراعظم سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪرد??ر ناقابل فراموش هوندو آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ جي نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد انهن جي سرپرستي ڪندا. هن چيو ته تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ نظم ۽ ضبط جي تربيت انهن جي ڪرداسازي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي، قائداعظم به ايمان ۽ اتحاد سان گڏوگڏ نظم ۽ ضبط جي تلقين ڪئي هئي ڇو ته رڳو هڪ منظم قوم ئي پنهن??ي ۽ دنيا جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.