اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته واپاري برادري ??اروبار کي فروغ ڏئي معيشت جي ترقي ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ سميت ٻين اه?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ک?? هر قس?? جي مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته چيمبر جي تعاون سان بزنس ڪميونٽي جي اه?? مسئلن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري سان ئي معيشت مضبوط ٿئي ٿي. ملڪي ترقي ڪاروباري طبقي جي خوشحالي سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ پاليسي سازي ۾ ڪاروباري طبقي جي راءِ کي اه??يت ڏيڻي پوندي.