اسلام آباد – 30 – آڪ??وبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني غير??لڪ??ن کي ڪڍڻ جو فيصلو خودمختيار ??لڪ?? قانونن ۽ عالمي اصولن موجب آهي. ترجمان ممتاز زهره بلوچ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) جي هڪ بيان جي جواب ۾ چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي خودمختيار ??لڪ?? قانونن ۽ لاڳو عالمي قد??ن ۽ اصولن موجب آهي. يو اين ايڇ سي آر پاڪستاني عملدارن کي اپيل ڪئي هئي ته پهرين نومبر جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ بدري جو فيصلو معطل ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو پريس بيان ڏٺو آهي، غيرقانوني غير??لڪ??ن جي وطن واپسي جو منصوبو (آئي ايف آر پي) ان جي قوميت ۽ اصل ملڪ کان قطعي نظر، پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غير??لڪ??ن تي لاڳو ٿئي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ يا رجسٽرڊ سمورا غير??لڪ?? شهري ان منصوبي جي دائري کان ٻاهر ??هن. پاڪستان حڪومت انهن ماڻهن جي تحفظ ۽ حفاظت جي ضرورتن جي حوالي سان پنهنجي واعدن کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي ٿي. هن چيو ته لکين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ميزباني ۾ ملڪ جو گذريل 40 سالن جو رڪارڊ ان جو ثبوت آهي. ترجمان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ترجيحي معاملن طور تي پائيدار حل جي سلسلي ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏي?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪري. هن چيو ته پاڪستان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.