اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز اح??د بگٽي پاڪ افغان سرحدي ڪراس??گ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي ب??يو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هو افغان ناظم الامور سردار اح??د شڪيب سان ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفي معاملن ۽ افغا?? شهرين جي پنهنجي وطن واپسي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪئي. گهرو وزير سرفراز اح??د بگٽي چيو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، هدايتون جاري ڪيون آهن ته پنهنجي وطن واپس ويندرن سان انتهائي عزت ۽ احترام سان پيش اچيو وڃي، هن چيو ته پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه پئي آندي وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن ڪوتاهي ۽ بدتميزي کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. گهرو وزارت ۾ ان ڏس ۾ ڪنٽرل سي??ٽر ۽ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. افغان سفارتخانو هڪ نمائندو مقرر ڪري جيڪو شڪايت جي فوري حل لاءِ ڪنٽرول سي??ٽر سان هر وقت رابطي ۾ رهي، گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪراس??گ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي ب??يوميٽرڪ کان ڇوٽ حاصل هوندي.