اسلام ??باد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين ۾ چوٿين پيرا ايشين گيمز ?? پاڪستاني پيرا اولمپيئن حيدر علي جي ڊسڪس ٿرو ۾ گو??ڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي پوري قوم کي فخر آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چين جي شهر هانگزو ۾ ٿيندڙ چوٿين پيرا ايشين گيمز ?? پاڪستاني پيرا اولمپيئن حيدر علي جو ڊسڪس ٿرو ۾ گو??ڊ ميڊل حاصل ڪرڻ پوري قوم جي لاءِ انتهائي فخر جو لمحو آه??. ه?? چيو ته توهان جي لگن، عزم ۽ اه?? شاندار ڪاميابي اسان سڀني جي لاءِ متاثر ڪندڙ آهي، حيدر علي توهان کي اه?? ڪاميابي مبارڪ هجي.