اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف سڀاڻي جمعي ڏي??هن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏي??هن ملهائيندا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمير جي تاريخ جو ڪا??و ترين باب ??کيو ويو ان ڏي??هن ڀارتي هٿياربند فوج سمورن عالمي اصول ۽ ضابطن ۽ قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي واديءَ ڪشمير ۾ داخل ٿي. ڪاري ڏي??هن جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڪشمير ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندا. ڪاري ڏي??هن جي موقعي تي جلسا جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته پاڪستاني سفارتخانن ۽ ٻين سفارتي مشنز جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن ۽ سيمينارز جو اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانين کي اجاگر ۽ ڀارت جي هٿان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪيو ويندو. پاڪستان خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميري عوام جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي.