اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خطي کي گڏيل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحال جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان اقتصا??ي تعاون تنظيم (اي سي او) جي هر ميمبر ملڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعظم هائوس ۾ اقتصا??ي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي رهائشي سفيرن سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اقتصا??ي تعاون تنظيم (اي سي او) جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اي سي او جي ميمبر ملڪن جي تاريخ ۽ ثقافت گڏيل آهي، اڄ خطي کي گڏيل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم رابطي، واپار، توانائي ۽ اقتصا??ي تعاون تي روشني وڌي. اي سي او جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان اي سي او جي هر ميمبر ملڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين تاشقند، ازبڪستان ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي ميمبر ملڪن جي ملڪتي سربرا??ن سان پنهنجي ملاقاتن جو منتظر آهي. سفيرن پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي خواهش ۽ اي سي او جي ويزن ۽ مقصدن جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.