اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ??يلاني ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي سان عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي سفير رشاد حسين ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي سفير سان ملاقات ۾ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي سمورن شهرين جي لاءِ انساني حقن ?? آزادي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ٺاهيل پاليسي پي?? ڪئي.