اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عقيل بيڪ جاپاروف جي دعوت تي 26 آڪٽوبر تي شنگها??ي تعاون تنظيم (ا??س سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز گورنمينٽ جي 22 هين اجل??س ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجل??س ۾ چين، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. ا??س سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏ??گڏ ترڪمانستان خصوصي دعوت تي اجل??س ۾ شريڪ ٿيندا. شنگها??ي تعاون تنظيم (ا??س سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اهو بنيادي طور تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي تعاون جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگها??ي تعاون تنظيم (ا??س سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي صدارت سنڀاليندو. نگران پرڏيهي وزير اجلاس جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.