اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان مسلم ليگ (ن) جي ا??واڻ مصدق ملڪ ۽ پيپلزپارٽي جي ا??واڻ اخونزاده چٽان ڪالهه اربع ڏينهن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وز??ر ان موقعي تي ڳاله??ئي??دي چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ چونڊ عمل جي نگراني ڪرڻ آ??ي، اقتدار جي پرامن منتقلي اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته نگران حڪومت صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻ??ئي??دي.