نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سميت ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي، ان مقصد جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي، موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جهڙن شديد متاثر ملڪن جي فنانسنگ جي ض??ور??ن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري. هو نيويارڪ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان 18 سيپٽمبر کان هن دوري تي آهيون، ان دوران نگران وزيراعظم اعليٰ سطحي ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون، اهڙي طرح مون نگران پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پنهنجي پرڏيهي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن معاملن ک??نسواءِ علائقائي ۽ اهم عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ ا??تصادي صورتحال جي بهتري سميت واپار ۽ ترقي بابت قدمن ک??ن آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان وزارتي سطح تي پڻ ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪيو جنهن ۾ هن علائقائي صورتحال، افغانستان ۽ خطي ۾ ا??ن ۽ سلامتي بابت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. هن امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ک??ن پڻ دنيا کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڪمزور ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ عملدرآمد جو مڪينزم جوڙيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن ملڪ ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ مالي نقصانن بابت پڻ آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان او آءِ سي جي ڪشمير ۽ فلسطين بابت گروپس جي اجلاسن ک??نسواءِ ٻين اهم فورمز ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. اسان خطي ۾ ا??ن ۽ سلامتي جي ڪوششن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل جي ض??ور?? تي زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ فلسطين جي مسئلي جي حل جي ض??ور?? تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان ڀارت سان امن چاهيون ٿا پر ان جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل لازمي آهي. ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ملڪن ۾ ا??ڙي طرح جي ڪاررواين ۾ سدائين ملوث رهيو آهي. هاڻي ڪئناڊا ۾ ا??ڙي طرح جي ڪارروائي سان ڀارت دنيا ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان بي نقاب ٿي ويو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان مان ٻين ملڪن جي خلاف ڪاررواين جي روڪٿام بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ انهن پاران افغان سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.