اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ??هي ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ سان معيشت جي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آ??ي، ٽيڪس جي نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازي کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بڻائڻو پوندو، معيشت کي دستاويزي بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت ۽ شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ ڪوبه ملڪ ڪرنسيءَ سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏي. هوءَ سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ وفاقي وزير محمد علي ۽ ٻين سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر عاصم کچي به موجود هو. ناڻي واري وزير چيو ته نگران حڪومت کي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن پر اس??ن انهن کان گهٻرائي نه رهيا آهيون بلڪ هڪ هڪ ان چئلينجن ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اس??ن جي ڪوشش ۽ طريقيڪار اهو ??هي ته انهن مسئلن کي دانشمنداڻي ۽ احسن انداز ۾ حل ڪري سگهجي. اس??ن جي ڪوشش ??هي ته خرچن تي ضابطو آندو وڃي ۽ ان ۾ گهٽتائي آندي وڃي، جڏهن ته محصولن ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا وڃن. خرچن ۾ گهٽتائي ۽ محصولن ۾ واڌ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آ??ي، معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بحاليءَ جا اشارا ملي رهيا آهن. صارفين لاءِ قيمتن جا حساس اهڃاڻ مئي جي 38 سيڪڙو جي شرح سان گهٽ ٿي 26.2 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آ??ي، ان مان واضح ٿي رهيو ??هي ته اس??ن مشڪلاتن مان نڪري رهيا آهيون ۽ قيمتن ۾ اس??حڪام اچي رهيو آ??ي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پيداواري شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، اس??ن کي اميد ??هي ته زراعت جي شعبي ۾ ننڍين ۽ وڏين فصلن جي سٺي پيداوار ايندي ۽ اس??ن جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا، ان سان مجموعي معيشت تي اثر پوندا. اهڙيءَ طرح سيمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آئي آهي. خدمتن جو شعبو متحرڪ ??هي ۽ هي شعبو ڪيترن ئي ٻين شعبن سان ڳنڍيل آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح کي برقرار رکيو آ??ي، ان سان بهتري ايندي. قرض وٺڻ جي لاڳت گهٽ ٿيندي ۽ صنعتن کي رليف ملندو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان مختلف منصوبن کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ لاءِ اس??ن جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اس??ن عالمي بئنڪ سان مختلف منصوبن لاءِ 2 ارب ڊالرن جي معاونت ملندي. اهڙيءَ طرح ايشيائي ترقياتي بئنڪ رائز پروگرام کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اس??ن جي ڪوشش ??هي ته ان شعبن تي توجهه ڏني وڃي جن سان ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿئي، اس??ن سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جنهن جا هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. ناڻي واري نگران وزير چيو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، حڪومت ايڪسچينج ڪمپنين ۾ سڌارا ڪيا آهن جڏهن ته اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ به سڄي ملڪ ۾ قدم جاري آهن ان سان رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته حڪومت بئنڪنگ ذريعي سان مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا حاصل ڪرڻ لاءِ 80 ارب رپين مان 20 ارب رپيا اڄ جاري ڪيا آهن. ايڪسپورٽ اينڊ امپورٽ بئنڪ کي آپريشنلائز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ گهٽتائي آئي ??هي جڏهن ته ايف بي آر جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پنهنجي هدف کان وڌيڪ محصول گڏ ڪيا آهن اان جي صنعت لاءِ آمدني پيداوار ضروري آ??ي، ان لاءِ ان تي وڌيڪ ٽيڪس نٿا لڳايون. هن چيو ته روينيو جا مسئلا ڍانچي جاتي آهن، ٽيڪس گذارن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ضروري آ??ي، ايف بي آر ۾ ان حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان جيڪي هدف آهن اهي مڪمل ڪيا ويندا، اس??ن جي ڪوشش ??هي ته ٽيڪس جي نظام کي هڪ ڌاري ۾ آندو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت ڪرنسيءَ جي قدر لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان ۾ ايڪسچينج ڪمپنين لاءِ ضابطه جاتي قاعدن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي. ان سان مٽاسٽا جي ناڻي جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري ??هي ڇاڪاڻ ته ڪوبه ملڪ ڪرنسي سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوال تي هن چيو ته ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. زراعت ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن تي توجهه ڏني پئي وڃي. اس??ن جي ڪوشش ??هي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته 18هين ترميم تحت وسيلن جي منتقلي صوبن کي ٿي ??هي سنڌ حڪومت سان وسيلن جي ورڇ ۾ ڪا زيادتي نه ٿي آهي. آءِ ايم ايف تحت اس??ن کي سيڙپڪاري خرچن کي شفاف رکڻو آهي، اس??ن جو بنيادي مقصد خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ڍانچن ۾ تضاد آهي، اس??ن جي ٽيڪس جو بنياد تمام گهٽ آهي، اس??ن زراعت تي ٽيڪس لاڳو نٿا ڪري سگهون، اهڙيءَ طرح ريئل اسٽيٽ ۽ ريئل سيڪٽر تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن، اس??ن کي ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازيءَ کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بنائڻو پوندو. معيشت کي دستاويزي بنائڻ وقت جي ضرورت آهي، اس??ن جو طريقيڪار اهو رهيو ??هي ته اس??ن ان ماڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪندا اچي رهيا آهيون جيڪي اڳ ئي ٽيڪس ڏيندا آهن، ان حوالي سان نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ تمام ضروري آهي.