اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ليبي?? جي اتر اوڀر حصي ۾ شد??د ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي ليبي?? جي عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سان انساني جانين جي زيان ۽ زندهه بچي ويندڙن کي پهچندڙ تڪليفون انتهائي افسوسناڪ آهن ۽ اسان هن مشڪل وقت ۾ ليبي?? جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون. بيان موجب ليبيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ڪميونٽي جي ممڪن مدد جي لاءِ مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي.