اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان هواوي پاڪستان ج?? وفد چ??ف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن ج?? قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿان سن نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هواوي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽي??نالاجي جي ايڪو سسٽم جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ج?? مختلف يونيورسٽين ۾سئو جي لڳ اڳ انفارميشن ٽي??نالاجي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. نگران وزيراعظم هواوي جي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽي??نالاجي جي ترويج جي حوالي سان قدمن کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هواوي پاڪستان ج?? نوجوانن خاص طور تي ڏورا??هن علائقن ج?? رهندڙن ۽ عورتن ج?? لاءِ انفارميشن ٽي??نالاجي جي تربيت جي حوالي سان حڪومت جي معاونت ڪندو. هن هواوي جي پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ موبائيل فون سيٽس جي تياري جو پلانٽ هڻڻ جي پڻ صلاح ڏني. ملاقات ۾ انفارميشن ٽي??نالاجي وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف پڻ موجود هو.