اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي انساني ح??ن واري ڪائونسل جي ”امتيازي سلوڪ، دشمني يا تشدد تي اتساهيندڙ مذهبي نفرت جي خاتمي جي عنوان سان قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي انساني ح??ن واري ڪائونسل جي سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن او ??ءِ سي پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ڪئي. هن چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جهڙن واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، ??موريون مذهبي علامتون، مقدس شخصيتون ۽ آسماني ڪتاب سمو??ن عقيدن جي پيروڪارن جي لاءِ هڪ جهڙا مقدس آهن. وزيراعظم چيو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي قرآن پاڪ کي ساڙڻ جهڙي ڪڌن ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي سرعام بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري، ??ڪثيريت ۽ سمو??ن عقيدن جي احترام جي گڏيل قدرن جي تحفظ جي عزم تي اتفاق راءِ سان انسانيت جي بهتر خدمت ٿئي ٿي.