اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان ??ي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان ??و سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري ب??ان موجب آذربائيجان ??ان ??عاون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ وزير وزيراعظم جي وفد جو حصو ??وندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون جي اهم شعبن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪندو جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏ??ل ڳڻتي ۽ تعاون جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ب??ان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان ??ا لاڳاپا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏ??ل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي مٽاسٽا سان مضبوط آهن. ب??ان ۾ وڌيڪ چيو وي?? آهي ته قيادت جي سطح تي لاڳيتي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اجاگر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان ??ي عوام جي گڏ??ل فائدي جي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.