مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪه روٽ قدمن تح?? هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 هزار 272 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي اسان سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌي??ڙا ان سهولت ذريعي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئر??ور?? ۽ مديني منوره جي ??هز??ده محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئر??ور?? تي 667 اڏامن ذريعي پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشا، بنگلاديش، ترڪي ۽ پهريون ڀيرو ڪوٽڊي آئيوري سميت مختلف ملڪن کان سعودي عرب آيل سمورن حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آمد کانپوءِ ان قدم تح?? هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان قدم ذريعي اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايوميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، روانگي وقت هوائي اڏي تي سفر بابت سمورن طريقيڪار کي اڪلائڻ ۽ سامان جي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بسن ذريعي مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ سندن رهائشگاهن تائين سڌو سنئون پ??چا??و ويو.