اسل??م آباد_ 16 جون(اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطه بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سامونڊي طوفا بائپر جوائي ڀارتي گجرات جي سامونڊي پتي سان ??ڪرائجي ويو آهي . پاڪستان ??ڪمل طور تي تيار هو پر وڏي حد تائين محفوظ رهيو . گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته طوفان سبب سمنڊ جي سطح بلند ٿ??ڻ سبب سنڌ ۾ سجاول سان لاڳاپيل سامونڊي ڪنارن وارا علائقا پاڻي هيٺ آ??ا آهن پر احتياطي تدبيرن جي طورتي اتان جا ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا . وفاقي وزير چيو ته زندگيون بچائڻ لاءِ شاندار ۽ مربوط ڪوششون ڪيون ويون جنهن تي سمورن شراڪتدارن جو شڪرايه ادا ڪيون ٿا.