اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي بنا مقابلي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجي وئي. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ??ائ??نسل جي اجلاس ۾ مريم اورنگزيب سيڪريٽري اطلاع??ت جي عهدي جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ ج??ع ڪرايا، ان جي مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا، اهڙي طرح هوءَ مسلم ليگ (ن) جي بنا مقابلي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجي وئي. مريم اورنگزيب چار سال (2023ع کان 2027ع) جي مدي لاءِ پارٽي ??ي سيڪريٽري اطلاعات هوندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ??ي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي، اعتماد ڪرڻ تي پارٽي قائدين ۽ ڪارڪنن جي ٿورائتي آهيان. انشاءَ الله پارٽي قائد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي جو سفر جاري رهندو.