اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان عا??مي ريسڪيو ڪم??ٽي جي صدر ڊيوڊ ملي بينڊ ڪالهه خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عا??مي ريسڪيو ڪم??ٽي جي وچ ۾ صحت، تعليم ۽ ترقي جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير عا??مي ريسڪيو ڪم??ٽي جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته انٽرنيشنل ريسڪيو ڪم??ٽي پاران پاڪستان ۾ قدرتي آفتن دوران خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته عا??مي ريسڪيو ڪم??ٽي پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻ??ندڙ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جي لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي ڊيوڊ ملي بينڊ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪم??ٽي جي حوالي سان معاونت تي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني حڪومت جا ٿورا مڃيا.