اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا ۾ امن، جمهوريت ۽ پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ بين ??لپارلياماني يونين (آئي پي يو) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي بين ??لپارلياماني يونين ??ي امن، جمهوريت، انساني حقن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، سياسي ڳالهين ۽ پارلياماني ڪارروائي جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هو بين ??لپارلياماني يونين ??ي صدر ڊوارٽي پچيڪو سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پارليامينٽرينز عالمي امن کي فروغ ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. دنيا ۾ جنگين کي روڪڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته سڄي دنيا جا پارليامينٽ ميمبر عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪن. صدر معزز مهمان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ ۾ پاڪستاني قوم هزارين ??انين ??ي قرباني ڏني ۽ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان پڻ کنيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان دهشتگردن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني آ??ي ۽ ان سلسلي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان لکين ??فغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي جيڪو اسان جي ملڪ جي انساني همدرديءَ جي جذبي جو واضح ثبوت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊوارٽي پچيڪو جي دوري سان پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ بين ??لپارلياماني يونين ??ي ميمبر پارليامينٽس جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي آئي پي يو جي صدر ٻڌايو ته بين ??لپارلياماني يونين هڪ اهم پليٽ فارم آهي جنهن پنهنجا تجربن ۽ معلومات جي ٻين ميمبر ملڪن سان مٽاسٽا ڪئي آهي. هن پشاور جي مسجد تي تازي دهشتگرد حملي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪئي.